خانبهادر رسول بخش خان مغل

خانبهادر خان مغل'>رسول بخش خان مغل: رسول بخش خان مغل'>خانبهادر رسول بخش خان مغل، مغلن جي زوال پزيريءَ واري دؤر ۾ پورچوگيزن جي ظلم ۽ بربريت کان هندستان ڇڏي ايران ۾ رهيو. کيس اولاد ۾ معاويه نالي هڪ فرزند هو، جنهن ايران ۾ نادر شاهه افشار جي ظلم کان ايران ڇڏي، بلوچستان جي علائقي قلات جا وڻ اچي وسايا. 1739ع ۾ نادر شاهه جي سندس ئي سپاهين هٿان قتل ٿيڻ کان پوءِ جڏهن افغانستان جي بادشاهه احمد شاهه ايران ۾ حڪومت ٺاهي، تڏهن هن معاويه کي ايران ۾ گھرائي پنهنجي لشڪر ۾ فوجي جرنيل مقرر ڪيو، جتي هن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. معاويه جي بهادريءَ جي هاڪ جڏهن قلات جي والي مير نصير مـــحمد خان جــي ڪــن تي پئي، ته هــن احمد شاهه ابداليءَ کان معاويه جي گھر ڪئي جنهن تي احمد شاهه ابدالي، معاويه جي ٻانهن تحفي طور خان آف قلات کي ڏني. قلات ۾ معاويه کي شير محمد ۽ جان محمد نالي ٻه فرزند ٿيا. رسول بخش مغل، شير محمد جو وڏو فرزند هو، جنهن کي خان آف قلات، ٽالپرن جي سفارش تي موجوده قنبر (ضلعي) ۾ جاگير ڏئي آباد ڪرايو. هو ٽالپرن جي دؤر ۾ وزير به رهيو.
1843ع ۾ ٽالپرن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ سندس جاگير ضبط ڪري کيس بمبئيءَ ۾ قيد ڪيو ويو، جتي ڏيڍ سال جيل جون صعوبتون سٺائين. انگريزن جڏهن سنڌ ۾ وفاداريون طلب ڪرڻ لاءِ حڪمنامو جاري ڪيو تڏهن رسول بخش مغل مصلحت کان ڪم وٺي انگريز سرڪار جي حڪمنامي جي ڀليڪار ڪئي، جنهن تي انگريز سرڪار سندس ضبط ڪيل جاگير ٻيهر 1845ع ۾ بحال ڪئي ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ پليگ جي وبا پکڙي هئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مري ويا، ان دوران رسول بخش مغل شهرين جي وڏي پئماني تي سماجي ۽ مالي خدمت ڪئي، جنهنڪري برطانيه سرڪار کيس ’خانبهادر‘ جو لقب ڏنو. کيس لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو، هن لاڙڪاڻي ۾ گرلز ڪاليج لاڙڪاڻي جي عمارت جو سنگ بنياد هن رکيو. روايت آهي ته رسول بخش مغل اڳتي هلي هڪ عرب سپهه سالار حاجي اسماعيل شاهه جي تصوراتي قبر ۽ ان تي خوبصورت مقبرو تعمير ڪرايو ۽ ڪافي زمين ان درگاهه جي نالي وقف ڪئي، جيڪا درگاهه قنبر ويجھو اوڀر ۾ واقع آهي. خانبهادر رسول بخش مغل زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ’خاڪسار تحريڪ‘ سان لاڳاپيل رهيو. هن ڊسمبر 1931ع ۾ وفات ڪئي. وصيت موجب کيس جيڪب آباد شهر ۾ پنهنجي ڀاءُ غوث بخش مغل جي ڀرسان دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو